بکر شيخ

بکر شيخ: لس ٻيلي جو سگهڙ شاعر، بکر شيخ پٽ گنج بخش، مشهور شاعر شيخ حميد جو پڙپوٽو ۽ شيخ ابراهيم جو پوٽو هو. لس ٻيلي ۾ شيخن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو. اندازاً 1839ع ڌاري يا ان کانپوءِ ٿي گذريو آهي. سندس گهڻا بيت لس ٻيلي جي جنگين بابت چيل آهن .


لفظ بکر شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو